پرمار باز

پرمار باز

پرمار باز

پرمار باز(Bonelli’s Eagle / Hieraaetus fasciatus) : هن جنس جي نر ۽ مادي باز جو رنگ هڪجهڙو ٿئي ٿو، پر مادي قدبت ۾ ڪجهه وڏي ٿئي ٿي. ان جي پٺي چمڪدار ناسي هوندي آهي. ان کي اندرئين پاسي پيٽ تي ناسي ڪارا لينگها ٿين ٿا. ان جي ڊگهي ۽ ويڪري پڇ تي هلڪي ۽ گهري رنگ جون ڌاريون يا پٽيون ٿين ٿيـون. هن پکيءَ کي ڪي ماڻهـو
’شڪاري باز‘ به چوندا آهن. هن جو مٿي کان جسم اڇو هوندو آهي ۽ پرن هيٺيان ڪارسرو ناسي پٽو ھوندو آهي ۽ ڳچي سڄي اڇي هوندي آهي، جنهن تي ڪارڙا لينگها ٿيندا آهن. پرن جا ڪنارا ۽ پويان پر ڪارا اٿس. هن باز جي پڇ جي چوٽيءَ کان مٿي تائين هلڪا ۽ گهرا پٽا ٿين ٿا. هن جي ٻچٽ جي جسم جو مٿيون حصو ۽ اندريان پَـر ڳاڙهسرا هيڊا ھوندا آھن، جنهن جي پَـرن جي ٻاهرئين پوئين اڇي ڀاڱي تي ڪارا پٽا ھوندا آھن، پڇ سرمائي هوندو اٿس، جنهن تي پٽا ڪونه ٿين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو